ٿاڻو 2

ٿاڻو: هي ديهه، تپي ملير، ڪراچي ۾ آهي. انگريزن جي دؤر جي پراڻي ٿاڻي (اولڊ ٿاڻي) جي ڪري هن ديهه جو نالو ٿاڻو رکيو ويو. هن کي ”حشر پڙهه“ ۽ بلوچيءَ ۾ ”داسيرو پڙهه“ به چيو ويندو آهي. مهر علي شاهه مست بخاريءَ جي مزار، ملير ٽائون، ملير، آسو ڳوٺ، غازي بروهي ڳوٺ، صاحبداد ڳوٺ، دائود ڳوٺ، دلبود ڳوٺ، بچل ڳوٺ، غريب آباد، مولرام، ڪمپائونڊ، ملير مندر، بادن شاهه، دلبود جو تاريخي قبرستان، ماڊل ڪالوني هن ديهه ۾ شامل آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو